اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس 4 جولاءِ تي ڀارت ۾ وڊيو ڪانفرنس ذريعي ٿيندو.ڀارتي وزيراعظم شهباز شريف کي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه طور شرڪت جي دعوت ڏني آهي، ايران به هن سال تنظيم جي نئين ميمبر طور شرڪت ڪندو. ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايران، بيلاروس ۽ منگوليا کي مبصر طور دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ترڪمانستان کي مهمان طور دعوت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه گڏيل قومن ۽ ايشيان جي سربراهن کي به اجلاس ۾ دعوت ڏني وئي آهي.










