وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين روانو

وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين روانو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي، جتي هو شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ چيني سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون پڻ ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ نور خان ايئر بيس کان هڪ خاص جهاز ذريعي چين روانو ٿيو.پرڏيهي آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف 30 آگسٽ کان 4 سيپٽمبر تائين چين جو دورو ڪندو.وزيراعظم 25 هين شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ هو خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ خطي جي ماڻهن جي ترقي کي فروغ ڏيڻ تي پنهنجو موقف پيش ڪندو.شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان علاوه، وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان به ملاقات ڪندو. ملاقاتن ۾ پاڪ-چين ٻطرفي تعاون جي مختلف پهلوئن تي بحث ڪيو ويندو.پرڏيهي آفيس موجب، وزيراعظم عالمي فاشسٽ مخالف جنگ جي خاتمي جي 80 هين سالگرهه جي موقعي تي بيجنگ ۾ هڪ فوجي پريڊ ۾ صدر شي ۽ عالمي اڳواڻن سان شامل ٿيندو.وزيراعظم واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري تي بحث ڪرڻ لاءِ مشهور چيني ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان پڻ ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو