واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)غزه لاءِ تجويز ڪيل بين الاقوامي سلامتي فورس ۾ پنج ملڪن فوج موڪلڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، فورس جي ڪمانڊر خميس ڏينهن “بورڊ آف پيس” جي اجلاس دوران اها ڳالهه ٻڌائي۔
انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس (ISF) جي ڪمانڊر آرمي ميجر جنرل جاسپر جيفرز چيو ته: “مون کي اڄ اعلان ڪندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته پهرين پنج ملڪن ISF ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ فوج ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جن ۾انڊونيشيا، مراڪش، قزاقستان، ڪوسوو ۽ البانيا شامل آهن. جڏهن ته ٻن ملڪن مصر ۽ اردن پوليس کي تربيت ڏيڻ جو واعدوڪيو آهي.”
جيفرز وڌيڪ چيو ته ISF پهرين ڏکڻ غزه جي رفاح علائقي ۾ مقرر ٿيندي، اتي پوليس کي تربيت ڏيندي ۽ پوءِ “سيڪٽر به سيڪٽر” پنهنجو دائرو وڌائيندي۔ هن چيو ته ڊگهي مدي واري منصوبي تحت 20 هزار ISF فوجين کي استعمال ڪيو ويندو ۽ 12 هزار پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي۔ 2 هزار فلسطيني پوليس ۾ ڀرتي لاءِ رجسٽر ٿيا آهن.
ڪجهه سفارتڪارن چيو آهي ته “بورڊ آف پيس” جي شروعات شايد گڏيل قومن جي ڪم کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي۔ جنوري ۾ دعوت نامي ۾ “چارٽر” جي شموليت ڪجهه يورپي حڪومتن ۾ خدشا پيدا ڪيا هئا۔ هڪ سفارتڪار چيو: “هي ‘ٽرمپ گڏيل قومون’ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪري ٿو.” ٽن ٻين مغربي سفارتڪارن چيو ته جيڪڏهن اهو اڳتي وڌيو ته گڏيل قومن کي ڪمزور ڪندو۔
ڊونلڊ ٽرمپ گهڻي عرصي کان گهڻ طرفي ادارن، خاص طور تي گڏيل قومن بابت محتاط رهيو آهي۔ هن بار بار انهن جي اثرائتيت، خرچن ۽ احتساب تي سوال اٿاريا آهن ۽ دليل ڏنو آهي ته اهي اڪثر آمريڪا جي مفادن جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا۔
ناروي جو اهم اعلان
ناروي بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿين جو اعلان ڪيو آهي. پر ساڳئي وقت هنن چيو آهي ته هو فلسطينين جي امداد لاءِ ڊونر ڪانفرنس منعقد ڪندا.
گڏيل قومن جو موقف
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينٽونيو گتريس جي ترجمان جنوري ۾ چيو هوته گوتيريس “سمجهن ٿا ته رڪن ملڪ مختلف گروهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آزاد آهن.” نائب ترجمان فرحان حق چيو: “گڏيل قومون پنهنجي مقرر ڪيل ذميوارين مطابق ڪم جاري رکنديون.”
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر Annalena Baerbock چيو ته گڏيل قومون ئي واحد ادارو آهي جيڪو اخلاقي ۽ قانوني صلاحيت رکي ٿو ته وڏن توڙي ننڍن ملڪن کي گڏ ڪري سگهي۔ هن چيو: “جيڪڏهن اسان ان تي سوال اٿاريون ٿا ته پوءِ اسين تمام اونداهي دور ڏانهن موٽي وينداسين.”
ٽرمپ اهو به اعلان ڪيو ته آمريڪا گڏيل قومن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي قابل عمل ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڏيندو۔ هن چيو: “اسان گڏيل قومن کي مضبوط ڪنداسين، ان جي سهولتن کي بهتر بڻائينداسين… اسان مالي طور مدد ڪنداسين ۽ يقيني بڻائينداسين ته گڏيل قومون موثر ادارو بڻجن.”
آمريڪا گڏيل قومن جي بجيٽ ۾ سڀ کان وڏو حصو ڏيندڙ آهي، پر ٽرمپ انتظاميا دوران باقاعده ۽ امن مشنن واري بجيٽ ۾ لازمي ادائگيون روڪيون ويون ۽ رضاڪارانه فنڊنگ ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي۔
ٽرمپ چيو: “بورڊ آف پيس تقريبن گڏيل قومن جي نگراني ڪندو ته جيئن اهو صحيح طريقي سان هلي.”
يورپ جو ردعمل
فرانس چيو ته يورپي ڪميشن جي هڪ عملدار جي بورڊ آف پيس ۾ شرڪت تي حيرت ٿي آهي، ڇو ته ان وٽ ميمبر ملڪن جي نمائندگي جو مينڊيٽ ناهي۔ پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاسڪل ڪنفاوريوڪس چيو ته “يورپي ڪائونسل کان اجازت کانسواءِ شرڪت تي اسان حيران آهيون.”
يورپي ڪميشن چيو ته ميڊيٽرينين بابت ڪمشنر ڊبروڪا سوئيڪا اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي۔ سوئيڪا ايڪس تي لکيو: “اسان جو مقصد واضح آهي: هم آهنگ ڪارروائي، جوابده حڪمراني ۽ فلسطيني عوام لاءِ حقيقي نتيجا.”
ڪجهه يورپي يونين ملڪن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهڙي اداري ۾ شرڪت بين الاقوامي قانون کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، پر ڪميشن پنهنجي شرڪت جو دفاع ڪندي چيو ته اها جنگبندي تي عملدرآمد ۽ غزه جي بحالي جي حمايت جو حصو آهي۔
مالي واعدا
ٽرمپ چيو ته مختلف ملڪن غزه جي امدادي ڪوششن لاءِ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جن ۾ قزاقستان، آذربائيجان، يو اي اي، مراڪش، بحرين، قطر، سعودي عرب، ازبڪستان ۽ ڪويت شامل آهن۔
هن اعلان ڪيو ته آمريڪا بورڊ آف پيس لاءِ 10 ارب ڊالر ڏيندو۔ عالمي بئنڪ، گڏيل قومن ۽ يورپي يونين گذريل سال اندازو لڳايو هو ته غزه جي ٻيهر تعمير لاءِ 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ايندو، جڏهن ته نئون عبوري اندازو 70 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو۔
ٽرمپ چيو ته FIFA پڻ غزه ۾ فٽبال منصوبن لاءِ 75 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو۔
وچ اوڀر ۽ ٻين تڪرارن بابت
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هن جي سفارتي ڪوششن سبب غزه ۾ جنگبندي ٿي ۽ “وچ اوڀر ۾ امن” آهي، جيتوڻيڪ هن چيو ته “ننڍڙو شعلو” اڃا موجود آهي۔
روس-يوڪرين جنگ بابت هن چيو ته اها “گهڻي ڏکي” آهي، جڏهن ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنيوا ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي۔
هن ايران سان ڳالهين کي “سٺيون” قرار ڏيندي چيو ته ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ کين معاهدو ڪرڻو پوندو.
فيڪٽ چيڪ
ٽرمپ ٻيهر دعويٰ ڪئي ته هن اٺ کان وڌيڪ تڪرار ختم ڪيا آهن، پر رپورٽن موجب ڪيترن معاملن ۾ مڪمل امن معاهدا نه ٿيا آهن يا تڪرار جاري آهن، جن ۾ اسرائيل-حماس، روس-يوڪرين، آرمينيا-آذربائيجان، هندستان-پاڪستان ۽ ٻيا شامل آهن۔
ان کان اڳ صدر ٽرمپ جڏهن وزيراعظم شهباز شريف سان مليو ته سندس تعريف ڪندي چيو ته مان هن سخص کي پسند ڪريان ٿو، هن فيلڊ مارشل جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو هڪ سٺو ويڙهاڪ آهي.
ڊيزل مھانگو،پيٽرول جي قيمت برقرار
ڪيترن ئي مهينن تائين سولر جهاز اڏامندو رهندو، اهم اڳڀرائي
پابندين باوجود ايراني ڳجهو فوجي نيٽ ورڪ ڪيئن فعال آهي؟
غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ دھشتگردي ۽ انتھا پسندي وڌي آھي
ڊگري هولڊرن لاءِ انٽرن شپ پروگرام نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان
مولانا فضل الرحمان هاڻ اوهان کي رياست ۾ نوڪري نه ملندي: محسن نقوي
ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي اهم، اي پي سي پائپ لائن ۾ آهي: ڪامران
رياست بابت ڏنل بيان قبولڻ جوڳا ناهن: راڻا ثناءُ الله
لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان پٽ هٿان ماءُ قتل
لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز جي تحت واڌ جي منظوري
اوهان فرعون کان وڌيڪ طاقتور ناهيو، ان کي به شڪست ملي
پاڪستان ڏکين حالتن کي منهن ڏي پيو، گهرو وزير اچي بريفنگ ڏئي
ٿرپارڪرحادثو، فوتين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان
رستم ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،اهلڪار شهيد
فيلڊ مارشل امن جي ثالثي لاءِ تهران ويو،ڪو به دفاعي معاهدو نه هو
ايمان ۽ هادي کي 10،10 سال قيد جي سزا
بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو
سپريم ڪورٽ بار چونڊون، احسن ڀون گروپ جو امجد شاهه ڪامياب
اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي










