وزيراعظم جي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات

وزيراعظم جي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات

پئرس(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف فرانس ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم فرانس جي دوري دوران عالمي مالياتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ وزيراعظم 27 مئي تي ٿيل ٽيليفونڪ رابطي جو به ذڪر ڪيو.وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي معاشي استحڪام ۽ بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته نائين اليون جي جائزي لاءِ سمورا ابتدائي قدم کنيا ويا آهن، اميد آهي ته پاڪستان لاءِ جلد مختلف فنڊ جاري ڪيا ويندا.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، معاهدي جي مڪمل ٿيڻ سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي.هن چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي فنڊن مان به رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو