اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته کيس هڪ ڀيرو وزيرآباد ۽ ٻيو ڀيرو 18 مارچ تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ روانگي کان اڳ عمران خان چيو ته هو عدالتن جو احترام ڪري ٿو، پيرن ۾ سوڄ هجڻ باوجود پيش ٿيندس، فيصلو نه اچڻ تي ججن خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ ماڻهن وانگر نه.هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيو هو ته هڪ ڀيرو وزيرآباد ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 18 مارچ تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڇنڇر تي سمورن پاڪستانين کي هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻاهر نڪرڻ گهرجي، هن وقت چيف جسٽس جي پويان مافيا آهي ۽ مافيا سپريم ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته پ پ وارا آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻيون هيون پر هو چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن.










