وزير جي هدايت، رتوديرو ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

وزير جي هدايت، رتوديرو ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وومين ڊولپمينٽ کاتي واري وزير سيده شهلا رضا جي هدايت تي رتوديرو ۾ نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار شفيع محمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب جوابدار شفيع محمد گذريل ڏينهن هڪ نوجوان ڇوڪري کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سيده شهلا رضا جي خاص هدايتن تي وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طاهر ڪوريجو نينگري جي عيادت ڪئي ۽ والدين سان ملاقات ڪئي، نينگري کي فروٽ ۽ گلدستو پيش ڪيو. طاهر ڪوريجو سنڌ حڪومت پاران متاثر ٿيل ڇوڪري جي هر ممڪن قانوني مدد جو يقين ڏياريو. سيده شهلا رضا پوليس ۽ سنڌ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي عملي جي بروقت ڪارروائي ڪرڻ تي ساراهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو