بنگلاديش جي سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست

بنگلاديش جي سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست

دهلي(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ جي 38هين ميچ ۾ سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽ ٽيبل ۾ 7 نمبر تي اچي وئي آهي. هنن 9 ميچن مان 8 کيڏيون جن مان 6 هارايون. سريلنڪا جي پوزيشن به ساڳئي آهي ۽ بنهي ٽيمن جي هڪ هڪ ميچ باقي آهي. سريلنڪا 49.3 اوورز ۾ 279 رنز ٺاهي سڄي ٽيم آئوٽ ٿي وئي. جنهن جي جواب ۾ بنگلاديش 41.1 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. شڪيب الحسن 12 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 65 بالن تي 82 رنز اسڪور ڪيون ۽ 2 اهم وڪيٽون به ورتيون، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. نجم الحسن شانتو 90 رنز ٺاهيون. سريلنڪا جي اسالنڪا 108، نسانڪا ۽ سديرا هر هڪ 41، ڊيسلوا 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. خلاف سريلنڪا جي پهرين وڪيٽ 5 رنسن تي ڪري پئي جڏهن ڪوسل پريرا 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.سريلنڪا جي ٻي وڪيٽ 66 ۽ ٽئين وڪيٽ 73 رنسن تي ڪري، ڪوشل مينڊس 19 ۽ پاٿم نسانڪا 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. بنگلاديش خلاف سريلنڪا جي چوٿين ۽ پنجين وڪيٽ 135 رنسن تي ڪري پئي، جڏهن سديرا سمارا وڪراما 41 ۽ اينجلو ميٿيوز کي امپائر طرفان ٽائم آئوٽ ڪيو ويو، بنا ڪنهن بال کيڏڻ جي.قانون موجب نئين بيٽسمين کي 2 منٽن اندر بال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اينجلو ميٿيوز جي هيلمٽ جو پٽي ڦاٽل هو، ٻارهين رانديگر نئون هيلمٽ آڻڻ ۾ دير ڪئي، جنهن سبب امپائر کيس آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو