ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز: پاڪستان هٿان انگلينڊ کي شڪست

ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز: پاڪستان هٿان انگلينڊ کي شڪست

برمنگهم(ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيمپيئنز ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز 2025 جي افتتاحي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کان پوءِ انگلينڊ چيمپيئنز کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.انگلينڊ ۾ جاري ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي افتتاحي ميچ ۾، انگلينڊ چيمپيئن ٽاس کٽي پاڪستان چيمپيئن کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهيون. شروعات ۾ پاڪستان چيمپيئنز کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو، اوپنر شرجيل خان 12 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ چوٿين اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو. ايندڙ اوور ۾ ڪامران اڪمل به 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جنهن کان پوءِ ڪپتان محمد حفيظ ۽ عمر امين اننگز کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر عمر امين صرف 6 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ رن آئوٽ ٿي ويو. شروعاتي طور تي 3 وڌيڪ وڪيٽون وڃائڻ جي باوجود، محمد حفيظ شاندار اننگز کيڏي ۽ 34 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 8 چوڪا شامل هئا. آخري اوور ۾، عامر يامين جارحاڻي انداز اختيار ڪيو ۽ صرف 13 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 3 ڇڪا شامل هئا. پاڪستان چيمپيئنز جي 161 رنسن جي هدف جي پيروي ڪندي، انگلينڊ جي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 155 رنسون ٺاهي سگهي. فل مسٽرڊ 51 بالن تي 58 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته اين بيل 35 بالن تي 51 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڪپتان مورگن به ناٽ آئوٽ رهيو، 12 بالن تي 16 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان رومان رئيس، عامر يامين ۽ سهيل تنوير هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو