واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين سمن طلب ڪرڻ باوجود نيب آڏو پيش نه ٿيو

واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين سمن طلب ڪرڻ باوجود نيب آڏو پيش نه ٿيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)نيب لاهور طلب ڪرڻ باوجود واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين پيش نه ٿيو.قومي احتساب بيورو (نيب) واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي 20 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.نيب ذريعن موجب نيب لاهور کي اڳوڻي چيئرمين واپڊا خلاف تربيلا فور منصوبي ۾ 753 ملين ڊالرن جي ڪرپشن ۽ منصوبن ۾ بي ضابطگين سبب اربين رپين جي نقصان جون شڪايتون مليون هيون، جنهن تي کيس طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو.ان کان اڳ واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين آخري ڀيرو جون ۾ نيب لاهور ۾ پيش ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو