واپارين تي پوليس جو تشدد،اجتجاج،ايس ايڇ او هٽائڻ جو مطالبو

واپارين تي پوليس جو تشدد،اجتجاج،ايس ايڇ او هٽائڻ جو مطالبو

شهدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ ۾ واپاري تي پوليس تشدد واري معاملي تي واپارين جي پريس ڪانفرنس ڊي آء جي کان معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او اي سيڪشن کي هٽائڻ جو مطالبو، شهدادڪوٽ ۾ رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن جي صدر منظور چانڊيو، محمد حسن کوسو، سراج احمد کوسو، نديم شيخ ۽ ٻين واپاري اڳواڻن اناج منڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او انور بروهي واپاري فياض کوسو تي بي رحماڻو تشدد ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اي سيڪشن ايس ايڇ او انور بروهي واپاري فياض کوسو مٿان بي رحماڻو تشدد ۾ واپاري جي اک ۽ ڪن جو پردو ضايع ٿي ويو آهي، واپاري اڳواڻن ڊي آء جي لاڙڪاڻو پ پ ايم پي مير نادر مگسي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کان واپاري مٿان ٿيل تشدد واري معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، واپارين ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڱاري ڏينهن کان ڪاروبار بند رکي هڙتال ڪري تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو