واپاري دوست اسڪيم ۾ وڏين تبديلين جو امڪان ظاهر

واپاري دوست اسڪيم ۾ وڏين تبديلين جو امڪان ظاهر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي واپاري دوست اسڪيم ۾ وڏين تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب ننڍن واپارين کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي بجاءِ وڏن واپارين جي خلاف ڪارروايون شروع ڪيون وينديون. ايف بي آر ريٽرنز، ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ ڪمرشل بجلي جي کپت جي ڊيٽا جي تجربي جي بنياد تي وڏن واپارين کي رجسٽرڊ ڪندي.في دوڪان ريٽيل آئوٽ ليٽ تي فڪسڊ ٽيڪس جي موجوده پاليسي کي معطل ڪندي، انهي پاليسي تي نظرثاني جي آءِ ايم ايف توثيق ڪئي آهي يا نه اهو سڀني کان وڏو سواليه نشان هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو