ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) واٽر بورڊ ۾ ڊي.پي.سي-II تحت سوين ملازمن ترقيون ماڻي ورتيون.ترقي ماڻيندڙ ملازمن پاران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جا ٿورا مڃيا. الحمدالله واٽر بورڊ انتظاميا ملازمن کي ڊي پي سي-II تحت شفاف طريقي سان ترقيون ڏئي پنھنجو واعدو پورو ڪيو آهي. وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم تفصيل موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير صوبائي ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن تي ڪراچي واٽر بورڊ انتظاميا پاران سينيئر ملازمن کي مقرري جي قاعدن ۽ ضابطن تحت ترقيون ڏئي ڇڏيون، ان سلسلي ۾ پروموشن آرڊرز ورھائڻ جي تقريب چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جا مھمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ فريدا سلام ھئا، جڏھن تہ تقريب ۾ صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ ۽ اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، پرسنل سيڪريٽري ٽو وائيس چيئرمين آغا سعيد، مزدور اڳواڻ ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر يونين سيد محسن رضا، سي بي اي چيئرمين ارشاد خان، ڊائريڪٽر پرسنل محمد امين تغلق، خورشيد مهدي، حسن مرتضيٰ يوسف ابراهيم ۽ ٻيا ملازم وڏي انگ ۾ موجود ھئا، ان موقعي تي صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي خطاب ڪندي چيو تہ سابق مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان جي ذاتي دلچسپي ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان واٽر بورڊ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊي پي سي II تحت سوين سينيئر ملازمن کي وڏي پيماني تي شفاف ترقيون مليون آهن، تقريب جي موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ تي واٽر بورڊ انتظاميا شفاف طريقي سان سينيئر ملازمن کي ترقيون ڏئي اڄ پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي، هن چيو تہ واٽر بورڊ ملازمن جو اهم مطالبو پورو ٿيڻ تي مون کي اڄ ڏاڍي خوشي ٿي آهي، الحمدالله واٽر بورڊ انتظاميا ملازمن کي ڊي پي سي-II تحت شفاف طريقي سان ترقيون ڏئي پنھنجو واعدو پورو ڪندي اھم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، هن وڌيڪ چيو تہ اڳوڻي ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن نديم ڪرماڻي، مزدور اڳواڻ پيپلز ليبر يونين سيد محسن رضا، سي بي اي چيئرمين ارشاد خان سميت ايڇ آر ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين آفيسرن ۽ مزدورن ڊي پي سي-II جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار آھي، هن چيو تہ انشاءَ الله اداري جي آفيسرن ۽ ملازمن جا ٻيا جائز مطالبا بہ جلد پورا ڪيا ويندا.










