واٽر بورڊ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڏينهن رات ڪم ڪري پيو

واٽر بورڊ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڏينهن رات ڪم ڪري پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ چونڊيل ۽ عوامي نمائندن پاران اجاگر ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي محمد وسيم قريشي سان ايم سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ پاران سي او او واٽر بورڊ کي نيو ڪراچي ضلعي سينٽرل ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، سي او او واٽر بورڊ پاران ميمبر صوبائي اسيمبلي کي سمورين شڪايتن جي فوري حل جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي حڪم جاري ڪندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن نہ ڏيڻو نہ پوي، ملاقات دوران چيف انجنيئر واٽر محمد حنيف بلوچ، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم منصور صديقي، ايس اي ڊبليو ٽي ايم محمد رياض، ايس اي سينٽرل شاھ رخ حسين، ايس اي بلڪ مصطفيٰ مڱڻ ايس اي ڊبليو ٽي ايم تنوير شيخ سميت ٻيا لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئرس موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو