واوڊا پاران تاحيات نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل

واوڊا پاران تاحيات نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جي تاحيات نااهلي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ مخالفن کي ڌر بڻايو ويو آهي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن کان ڪجهه به نه لڪايو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي اختيارن کان تجاوز ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ڪرڻ جو اختيار ناهي، آمريڪي شهريت ڄمڻ کان پوءِ نه پر اڳ ۾ ڏني وئي. فيصل واوڊا پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ کيس تاحيات نااهل ڪرڻ جو اختيار ناهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ سينيٽر جي عهدي تي بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو