واوڊا جي تاحيات نا اهلي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

واوڊا جي تاحيات نا اهلي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف فيصل واوڊا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي وزير جي طرفان وسيم سجاد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. وسيم سجاد دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ عدالت ناهي، فيصل واوڊا کي نااهل ڪرڻ جو اختيار به ناهي، اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو فيصلو نٿو ڪري سگهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته حلف نامو سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ داخل ڪيو ويو هو، توهان ٽيڪنيڪل بنيادن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، اليڪشن ڪميشن ۾ ڪٿي غلطي ڪئي آهي؟ سپريم ڪورٽ پاڻ حڪم جاري ڪيو ۽ حلفي بيان کي ان جو حصو بڻايو، سپريم ڪورٽ اهو به چيو ته جيڪڏهن حلفي بيان غلط نڪتو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. عدالت چيو ته توهان پنهنجي نيڪ نيتي به ٻڌايو ته جڏهن حلفي بيان ڏنو ته ٻٽي شهريت نه هئي، ٻڌايو ته آمريڪي شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو يا نه؟ تاريخ ڇا آهي، ڇا ڪوڙي حلفي بيان جي جاچ سپريم ڪري ڪري ها، اليڪشن ڪميشن انڪوائري ڪري سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلي ته جيئن توهان چيو هو ته حلفي بيان ڪوڙو نڪتو ته ان جا نتيجا آهن. . جنهن بعد عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيندي سندس سينيٽر طور نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو