وانا ۾ شهيد ٿيل فوجي جوان عباس سولنگي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

وانا ۾ شهيد ٿيل فوجي جوان عباس سولنگي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

هنڱورجا(ن س) وانا ۾ دهشتگردن سان بهادريءَ سان وڙهندي شهادت جو ڄام پيئندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوان عباس سولنگي جو مڙهه مڪمل فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.مقامي ذريعن موجب، وانا ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي پاڪستاني ڌرتيءَ تان قربان ٿيندڙ جوان عباس سولنگي جو مڙهه جڏهن اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ آخري ديدار وقت ماحول انتهائي ڏکوئيندڙ ٿي ويو. شهيد جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن، جوانن، مٽن مائٽن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي چاق چوبند دستي پاران شهيد جي مڙهه کي شاندار سلامي پيش ڪئي وئي ۽ مٿس گلن جي چادر چاڙهي وئي. شهيد جي وارثن ۽ مقامي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين عباس سولنگي جي شهادت تي فخر آهي، جنهن ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو