هڪ چوري، ٻيو سينا زوري” وارو مثال ن ليگ  تي ٺهڪي پيو

هڪ چوري، ٻيو سينا زوري” وارو مثال ن ليگ تي ٺهڪي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته “هڪ ته چوري، مٿان وري سينا زوري” وارو مثال مسلم ليگ (ن) تي بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. هن چيو ته معصوم ڪشميرين جي ووٽ جي حق تي مسلم ليگ (ن) جيڪو ڌاڙو هنيو، اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته انتهائي بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، سرعام هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿيو، پر مريم نواز کي تعزيت ۽ افسوس ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو هن نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز اقتدار جي تڪبر ۽ غرور ۾ خطاب ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيئن فارم 47 جي خيرات ۾ مليل مينڊيٽ تي مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ ويٺي آهي، اهو پاڪستان جيٻچي ٻچي کي معلوم آهي. هر ڪنهن کي خبر آهي ته پنجاب جي عوام کين عبرتناڪ شڪست ڏني، سندن ڪو به وڏو اڳواڻ ڪامياب نه ٿي سگهيو، پر پوءِ به کين حڪومت ملي. هن چيو ته جنهن طريقي سان مسلم ليگ (ن) کي وفاقي حڪومت ملي، اهو به سڀني کي معلوم آهي. سندس چوڻ هو ته فارم 47 جي پيداوار جماعت هاڻي چاهي ٿي ته ڪشمير ۾ به فارم 47 جهڙي ڌانڌلي واري حڪومت قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته 2024ع ۾ اوهان کي ڪيئن تاريخي شڪست ملي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي هر ڀيري اڳ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جون بهترين سهولتون موجود آهن ۽ پنجاب جا اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون به علاج لاءِ سنڌ اچن ٿا. مريم نواز پڇي ٿي ته سنڌ ۾ ڪھڙوم ڪم ٿيو، ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان هزارين ميگاواٽ بجلي سنڌ حڪومت پيدا ڪئي. پاڪستان جون پهريون اي وي بسون به پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ شروع ڪيون. سنڌ حڪومت جا پنھنجا روڊ بهتر آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي روڊن جي معاملي ۾ اسان کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته وفاق ۾ گهڻو تڻو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو سٺي موٽر وي ناهي ته اها به وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. سنڌ حڪومت مخصوص صلاحيتن وارن ماڻهن لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا، ايتري تائين جو وفاقي حڪومت اسان کان درخواست ڪئي ته اهڙن منصوبن ۾ سندن مدد ڪريون. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا بهترين منصوبا سنڌ ۾ هلي رهيا آهن، جنهن جو اعتراف پاڻ وزيراعظم شهباز شريف پڻ ڪري چڪو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهڙا ڪيترائي مثال آهن جيڪي اسان ڏئي سگهون ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي کي هميشه اڳ کان وڌيڪ ووٽ ۽ سيٽون مليون آهن، جڏهن ته اوهان جعلي مينڊيٽ وسيلي اقتدار ۾ ويٺا آهيو. اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين. اوهان فارم 47 جي مدد سان اقتدار ۾ ويٺا آهيو، اوهان کي سوچڻ گهرجي ته آخر ڪهڙي طريقي سان اقتدار ۾ پهتا آهيو. پنجاب جي عوام کان پڇو ته ڇا انهن اوهان کي ووٽ ڏنو؟ ڪنهن به نه ڏنو. هن مريم نواز کي چئلينج ڏيندي چيو ته استعيفيٰ ڏيو، ڪو به تڪ چونڊي وٺو، ٻيهر چونڊ وڙهي ڏيکاريو. اسان به سنڌ ۾ استعيفيٰ ڏيون ٿا، سنڌ جي عوام اسان کي ڪامياب ڪندي، جڏهن ته پنجاب جي عوام اوهان کي ڪنهن به تڪ مان ڪامياب نه ڪندي. اوهان جيترا به ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز چونڊي وٺو، اسان به ٻيهر مقابلو ڪنداسين، اوهان به ٻيهر چونڊ وڙهي ڏيکاريو، پوءِ ڏسنداسين ته پنجاب جي عوام اوهان کان ڪيتري حد تائين نفرت ڪري ٿي. هن چيو ته اوهان زبردستي اقتدار جي ڪرسين تي ويٺا آهيو، اوهان ڪرائي دار طور اقتدار ۾ آيا ۽ پاڻ کي گهر جو مالڪ سمجهي ويٺا آهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي خدمت ڪئي، تنهنڪري عوام جي پذيرائي ۽ ووٽ حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، اهي ڪنهن ٻي پارٽي نه ڏنيون آهن، جڏهن ته اوهان جي قيادت هميشه ڏکين حالتن ۾ معاهدا ڪري ملڪ مان ڀڄندي رهي آهي. اوهان آمريت سان ڏهه ڏهه سالن جا معاهدا ڪري ڀڄي ويا، پر اسان نه ڀڳا آهيون. هن چيو ته سياسي ڪردار جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪنهن به پارٽي سان مقابلو نٿو ٿي سگهي. اوهان جي جماعت جو ماضي اهڙن واقعن سان ڀريل آهي، آءِ جي آءِ جي دور ۾ به اوهان کي ڌانڌلي ۽ ڏاڍ وسيلي اقتدار مليو، هاڻي به ساڳيو ڪجهه چاھيو ٿا، تنهنڪري پاڻ کي پاڪستان پيپلز پارٽي سان نه ڀيٽيو ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اوهان چئو ٿا ته ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، مسلم ليگ (ن) جي نه، ته پوءِ سي ڊي آرز ۽ لوڪيشن چيڪ ڪرايو. اسان جو وزيراعظم ميرپور ۾ موجود نه ھو، جڏهن ته اوهان جا وفاقي وزير اتي موجود هئا. هن سوال ڪيو ته اوهان جا وفاقي وزير ميرپور ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟ اوهان جا وفاقي وزير اڄ صبح تائين ميرپور ۾ موجود هئا ۽ انتظاميا تي اثرانداز ٿي رهيا هئا، جڏهن ته اسان جو وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيئرمين بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ به موجود نه ھو ته جيئن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. ان جي ابتڙ اوهان جي وفاقي وزيرن ضابطه اخلاق جون ڀڃڪڙيون ڪيون. هن چيو ته چونڊن کان اڳ اوهان کي ڪڏهن به ڪشمير ياد نه آيو، پر چونڊن کان ٽي ڏينهن اڳ اوهان بسون موڪليون، جيڪا به ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي هئي. اليڪشن ڪميشن اوهان تي وڌيڪ مهربان آهي، اوهان جي ڀڃڪڙين کي نظرانداز ڪري ويٺي آهي. اوهان کي اها رعايت وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت هجڻ سبب ملي رهي آهي. وفاق ۽ پنجاب جون حڪومتون ڪشمير جي چونڊن تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، جيڪا ضابطه اخلاق جي کليل ڀڃڪڙي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اوهان پهريان پنجاب جي عوام جو حق کسيو، زبردستي وفاق ۾ ويٺا، هاڻي ڪشمير ۾ به زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. ڪشمير جي عوام اوهان کي اڳ به رد ڪيو هو، هاڻي به رد ڪري رهي آهي. گلگت بلتستان ۾ به عوام اوهان کي رد ڪيو، اتي به اوهان کي ڪا پذيرائي نه ملي. ڪشمير ۾ به اوهان پنجاب مان بسون ڀري ماڻهو آندا، پر پوءِ به اوهان کي ڪشمير ۾ ڪا پذيرائي نه ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسان سٺا پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته اوهان جي جماعت اقتدار جي لالچ ۾ هر قسم جو ناجائز طريقو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اوهان معصوم ماڻهن جون حياتيون کسڻ، انهن تي ظلم ڪرڻ ۽ اڄ معصوم ڪشميرين جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ لاءِ به تيار آهيو. پاڪستان جي عوام اوهان کي اڳ به رد ڪيو هو ۽ هاڻي به رد ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن اوهان واقعي مقبول آهيو ته استعيفيٰ ڏئي ميدان ۾ اچو، اسان به استعيفيٰ ڏيون ٿا، ضمني چونڊ وڙهون ٿا، پوءِ ڏسون ٿا ته اوهان کي ڪيتري عوامي پذيرائي حاصل آهي. اوهان ڪوڙي ۽ گهڙيل مينڊيٽ جي بنياد تي اقتدار تي قابض آهيو. اوهان فارم 47 جي پيداوار آهيو ۽ چاهيو ٿا ته ڪشمير ۾ به فارم 47 واري حڪومت قائم ڪريو، پر ڪشمير جي عوام اوهان کي قبول نه ڪندي. اوهان لٺ جي زور تي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان چونڊون کٽي سگهو ٿا، پر عوام جي دلين ۾ اوهان لاءِ ڪنهن به قسم جي محبت موجود ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو