هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت

هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪري ويندا آهن ۽ ڪروڙين عوام جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائيندا آهن.
وزيراعظم زور ڏيندي چيو ته اسان کي انهن قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي، سندن تڪريم ڪرڻ گهرجي، شهيدن جي ننڍڙن ٻارن کي خبر ناهي ته سندن والد هن دنيا مان هليا ويا آهن.
شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي دعوت ڏيندي چيو ته اچو، ميثاقِ معيشت ۽ ميثاقِ جمهوريت ڏانهن وڌون، اپوزيشن کي اڄ به چوان ٿو ته اچو، ويهو، سياست پنهنجي پنهنجي، ويزن پنهنجو پنهنجو، خيال پنهنجا پنهنجا پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته چئني صوبن جي هڪجهڙي ترقي بطور وزيراعظم منهنجي ذميواري آهي، ميثاقِ جمهوريت لاءِ مون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چيو آهي، پاڪستان لاءِ جيڪا به قرباني ڏني وڃي اها گهٽ آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته صوبي جا معاشي وسيلن انهن جو حق آهن، ان ۾ ڪا ٻه راءِ يا اختلاف ناهي.
سندس چوڻ هو ته ريڪوڊڪ جو مثال وٺو، ان جو معاهدو پڙهي وٺو، ريڪوڊڪ تي بلوچستان جي عوام جا شيئرز (حصو) هڪ روشن مثال آهن، بلوچستان جي عوام جا شيئرز ڪو لڪيل راز ناهن، سڀني جي سامهون آهن.
شهباز شريف ٻڌايو ته 2010 جي اين ايف سي (NFC) ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 100 سيڪڙو وڌايو ويو، اهو ڪو احسان نه هو، بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، اتي غيرتمند ۽ بهادر عوام رهي ٿو، بلوچستان لاءِ پنجاب ۽ سنڌ حصو (ڪنٽريبيوٽ) ملايو، بلوچستان ۾ هارين کي 75 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينلز ڏنا ويا.
هن ٻڌايو ته گوادر کان چمن تائين روڊ ٺهي رهيو آهي جيڪو هاءِ وي جي معيار مطابق آهي ۽ ان شاهراهه جي تعمير تي 300 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو