هڪ نوٽيفيڪيشن جي چڪر سڀ ويهي رهيا،اها ته حالت آهي،آئيني بينچ

هڪ نوٽيفيڪيشن جي چڪر سڀ ويهي رهيا،اها ته حالت آهي،آئيني بينچ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سولينز ملٽري ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي دوران، آئيني بينچ جي هڪ جج جسٽس منصور علي شاهه جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوه جي ملازمت جي مدت ۾ واڌ جي فيصلي جو حوالو ڏنو.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو ته سلمان اڪرم راجا پنهنجي دليلن ۾ ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو هو ته فوجي ڪيسن خلاف آزاد ٽربيونل ۾ اپيل آهي، ڇا ڀارت ۾ اپيل جو حق پارليامينٽ پاڻ قانون سازي ذريعي ڏنو هو يا عدالت جون هدايتون هيون؟ ان تي باني پي ٽي آءِ جي وڪيل عزير ڀنڊاري جواب ڏنو، مون کي ان جي خبر ناهي.جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اسان جي سامهون ڪلڀوشن ياديو جي مثال موجود آهي. ڪلڀوشن کي خاص قانون سازي ذريعي اپيل جو حق ڏنو ويو هو. اپيل جو حق عالمي عدالت انصاف جي فيصلي جي ڪري ڏنو ويو.ان دوران جسٽس نعيم اختر اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدت ۾ واڌ جي ڪيس جو به ذڪر ڪيو.جسٽس نعيم چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جي ملازمت جي مدت ۾ واڌ جو ڪيس به آهي، آرمي چيف جي ملازمت جي مدت وڌائڻ جو ڪو قانون نه هو، سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي پارليامينٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدت وڌائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي.ان موقعي تي جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ان وقت سڀ نوٽيفڪيشن لاءِ گڏ ويٺا هئا، هي اسان جو حال هو.

پهنجو تبصرو موڪليو