هڪ ميچ ۾ ڪوهلي جا رڪارد مٿان نوان رڪارڊ قائم

هڪ ميچ ۾ ڪوهلي جا رڪارد مٿان نوان رڪارڊ قائم

دبئي(ويب ڊيسڪ)چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان خلاف کيڏندي ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ڪيترائي عالمي رڪارد قائم ڪري ورتا. ڀارت جي اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي پاڪستان خلاف ون ڊي ميچن ۾ نه رڳو 158 ڪيچز ورتيون پر ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 14 هزار رنسون به مڪمل ڪري ورتيون. هن 51 هين سينچري مڪمل ڪندي ڀارت جو سڀني کان وڌيڪ او ڊي آءِ سينچريز ٺاهيندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. اڳ ۾ ٽنڊولڪر 49 سينچريون ٺاهيون هيون. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم شاندار بالنگ ڪندي پاڪستاني ٽيم کي 241 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ويرات ڪوهلي 2 ڪيچ به هنيا. پاڪستان خلاف ميچ دوران هرشيت رانا ۽ ڪلديپ ياديو شارٽ ڪيچز ورتيون جڏهن ته ويرات ڪوهلي شاندار فيلڊنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڪيچ ورتيون. ڀارت طرفان سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو رڪارڊ اڳوڻي ڪپتان اظهر الدين جي نالي هو، جنهن ون ڊي ميچن ۾ 156 ڪيچون ورتيون. محمد اظهر الدين 334 ون ڊي ميچن ۾ 156 ڪيچز ورتيون. ويرات ڪوهلي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش خلاف 2 ڪيچ وٺي اظهر جو رڪارڊ برابر ڪيو هو، پر اڄ ڪلديپ ياديو جي بال تي پهرين نسيم شاهه ۽ هرشت رانا جي آخري اوور ۾ خوشدل شاهه جو ڪيچ پڪڙي رڪارڊ قائم ڪيو. هن هن وقت تائين 299 ميچن ۾ 158 ڪيچز ورتيون آهن. ان کان علاوه ويرات ڪوهلي کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 14 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ صرف 15 رنسن جي ضرورت هئي، هن هي سنگ ميل حارث رئوف جي بال تي شاندار بائونڊري لڳائي پار ڪيو. ويرات ڪوهلي سچن ٽنڊولڪر ۽ ڪمار سنگاڪارا کانپوءِ ٽيون رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن هن فارميٽ ۾ 14 هزار رنسون ٺاهيون، هن اهو اعزاز 287 اننگز ۾ حاصل ڪيو. واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو عالمي رڪارڊ اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان مهيلا جي وردني وٽ آهي، جنهن 448 ميچن ۾ 218 ڪيچون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو