اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هلندڙ مهيني ۾ آلو، پياز، انڊا ۽ کنڊ سميت مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.شماريات واري بيورو مهيني مهانگائي جي انگن اکرن کي جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب هڪ مهيني ۾ پياز 33.42 سيڪڙو، آلو 14.57 سيڪڙو، انڊا 5.34 سيڪڙو، کنڊ 3.67 سيڪڙو ۽ چانهه 14.79 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي.شماريات کاتي پاران وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مونگ جي دال جي قيمت ۾ 46.29 سيڪڙو، سرس جي تيل جي قيمت ۾ 44.7 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 43.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شماريات واري بيورو موجب نومبر ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 0.34 سيڪڙو ۽ مائع ٻارڻ جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.ٻئي طرف شماريات کاتي موجب ڀاڄيون 26.42 سيڪڙو، دال 11.17 سيڪڙو، ٽماٽر 9.56 سيڪڙو، مرغي 5.51 سيڪڙو، ڪڪڙ 5.08 سيڪڙو، مونگ 3 سيڪڙو، دال 3 سيڪڙو سستي ٿي آهي.










