اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تازو برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رپورٽ موجب پهرين جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين سڄي ملڪ ۾ 96 ڄڻا فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 39 فوتگيون ٿيون.اين ڊي ايم اي موجب سنڌ ۾ 22، خيبرپختونخواهه ۾ 34، بلوچستان ۾ 3، ڪشمير ۾ 3 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ فوتگي ٿي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن دوران 214 ڄڻا زخمي ٿيا، برساتن سبب 525 گهرن کي نقصان پهتو. سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ڇت ۽ ديوارون ڪرڻ سبب ٿيو، 46 سيڪڙو ماڻهو ڇت ڪرڻ سبب ۽ 31 سيڪڙو بجلي ڪرڻ سبب فوت ٿيا.اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.










