ملتان: (ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته هڪ سال ۾ سڀني ريلوي گاڏين کي اپ گريڊ نٿو ڪري سگهجي.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته ريلوي ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن ۽ خاميون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته اسان قراقرم، ملت سميت ٻين ٽرينن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون.حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته آمدني 88 ارب رپين کان وڌائي 115 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ليز آمدني 8 ارب رپين کان وڌائي 16 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته روهڙي کان ڪراچي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، ۽ روهڙي کان ملتان تائين ٽريڪ تي به ڪم ڪيو ويندو. هن اهو به چيو ته اسان ريلوي جي بهتري لاءِ صوبن سان به ڳالهايو آهي.










