ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙو ملڪ ۾ هڪ ئي وقت قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي چونڊ هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ لاءِ 25 اپريل تي اڱاري ڏينهن سڄي سنڌ ۾ اهتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پي پي سنڌ جي صدر چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسمبلين جي اڳ ۾ چونڊ ڪرائڻ پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش آهي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هدايت ڪئي هئي ته پنجاب اسيمبلي جون عام چونڊون 14 مئي تي ڪرايون وڃن. حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ پارليمان مان ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊ ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو هو ۽ عدالتي حڪم تي 21 ارب روپيا اليڪشن ڪميشن کي نه ڏيڻ جو بل به منظور ڪيو هو. . اڄ جاري ڪيل بيان ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر چيو ته ڌار ڌار چونڊن خلاف صوبي جي سمورن ضلعن هيڊڪوارٽرن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. کهڙي صاحب چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 69 موجب سمورين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن، ڌار ڌار چونڊون ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي برابر آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته عمران خان جي سازشي عزائم جو اوزار نه بڻجو. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ رڳو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، ان کي ائين ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ عدالت مداخلت نه ڪري.










