هيپاٽائيٽس جي خاتمي ۾ دير برداشت نه ٿا ڪري سگهون: وزيراعظم

هيپاٽائيٽس جي خاتمي ۾ دير برداشت نه ٿا ڪري سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۾ وڏي آبادي هيپاٽائيٽس سي جي انفيڪشن کان متاثر آهي.وزيراعظم چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هيپاٽائيٽس جي روڪٿام لاءِ فوري ڪم جي ضرورت آهي.هن چيو ته هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ قدمن ۾ دير نه ٿي ڪري سگهجي، هن موذي مرض جي خاتمي ۽ صحت مند مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.شهباز شريف اهو به چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش مرض آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو، جيڪڏهن بروقت علاج نه ڪيو ويو ته سنگين پيچيدگين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن اهو به چيو ته پاڪستان ۾ هڪ وڏي آبادي هيپاٽائيٽس سي جي انفيڪشن کان متاثر آهي، سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي جي 60 ملين ڪيسن مان 10 ملين ڪيس پاڪستان ۾ آهن، اسان کي هيپاٽائيٽس جي روڪٿام کي اوليت ڏيڻي پوندي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت هيپاٽائيٽس سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هر شهري کي هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ علاج جون مفت سهولتون حاصل هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو