هينڊس پاران ڊسٽنس لرننگ پروگرام

هينڊس پاران ڊسٽنس لرننگ پروگرام

روھڙي (ن سنڌيار) ھينڊس پاران اي ايم او اسڪولز پروجيڪٽ جي مئنيجمينٽ ۽ 50 کان ڌيڪ استادن لاءِ ڪيريئر پروفيشنل ڊولپمينٽ پروگرام ھيٺ آن لائين تربيتي پروگرام جاري آهي. ھينڊس جي ايجوڪيشن ڪنسلٽنٽ مس حما عمران خان پاران گذريل ڏينهن 50 کان وڌيڪ استادن ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ٽيم کي آن لائن ايپليڪيشن مائڪرو سافٽ ٽيمز ذريعي ٽيچرز ٽول ڪٽ تي 2 ڏينهن جي سلسليوار تربيت ڏني وئي.ضلعي سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀيلار، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪمال خان انڍڙ ۽ ضلعي خيرپور جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير عيسيٰ جي اسڪول مئنيجمينٽ ۽ استادن کي ڪيريئر پروفيشنل ڊولپمينٽ پروگرام ھيٺ ڊسٽنس لرننگ پروگرام ذريعي 2 ڏينهن تي مشتمل ٽيچرس ٽول ڪٽ جي مضمون تي آن لائين ٽريننگ ڏني وئي آهي. ڊسٽنس لرننگ پروگرام ذريعي ٻن ڏينهن واري ٽريننگ پڄاڻي تي پھچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ھينڊس جي سينئر ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو مئنيجر زاھد خاصخيلي جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب بند پيل تعليمي سرگرمين کي بحال رکڻ لاءِ ھينڊس پاران اي ايم او اسڪول پروجيڪٽ جي مئنيجمينٽ ۽ استادن سميت شاگردن لاءِ پڻ آن لائين تربيتي پروگرام وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن ذريعي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته عالمي وبا سبب بند پيل اسڪولن جي شاگردن توڙي استادن کي تعليمي سرگرمين سان جوڙي رکڻ آهي، ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر اي ايم او اسڪولز سکر ۽ خيرپور امان ﷲ سومرو ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته آن لائين تربيتي پروگرام جو مقصد استادن جي ڪيريئر پروفيشنل ڊولپمينٽ ذريعي شاگردن کي تعليم لاءِ بھترين ماحول فراهم ڪرڻ ۽ اي ايم او ھينڊس جي شاگردن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل 5 مهينن دوران اي ايم او هينڊس جي استادن کي ڪلاس روم مئنيجمنٽ، ريڊنگ فونڪس، پيڊاگوجي ٽپس، اسڪول بيزڊ ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن، ڪميونيڪيشن اينڊ آرگنائيزيشن مڪينزم، اسٽاف اورينٽيشن آن اي ايم او مئنيجمنٽ، ماڊل ڪاپي ميڪنگ، فرسٽ ايڊ اينڊ پرسونل هائجين ۽ چائلڊ سيفگارڊنگ اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن تي تربيت ڏني وئي آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ان کان اڳ ۾ شاگردن کي ڪورونا وائرس جي وبا کان پاڻ بچائڻ ۽ عالمي وبا متعلق معلوماتي پيغام پڻ موبائيل ذريعي وقفي وقفي سان اماڻيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو