پشاور (ويب ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ آپريشن دوران هنگو ۾ خازينا بندا چيڪ پوسٽ تي حملي جي مبينا ماسٽر مائنڊ کي ماري ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب، چپري نرياب جي ويجهو 15 کان 18 خوارج کي حرڪت ڪندي ڏٺو ويو، آپريشن دوران هڪ انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويو, پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد خزينه بانڊا چيڪ پوسٽ حملي جو ماسٽر مائينڊ هو. 29 جولاءِ تي دهشتگردن هنگو ۾ خزينه بانڊا پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. حملي ۾ ڊي ايس پي سميت 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 28 زخمي ٿيا هئا.










