ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ليکڪا بوڪر پرائيز کٽيندڙ ارون ڌتي راءِ چيو آهي ته هندو قومپرستي ڀارت کي يوگوسلاويا ۽ سوويت يونين جيان ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ڀارتي عوام بي جي پي ۽ مودي جي فاشسٽ پاليسين خلاف مزاحمت ڪندو. اهڙو اظهار هن ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر کي ‘وائر’ لاءِ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. ارون ڌتي راءِ ڀارت جي موجوده صورتحال کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته ان جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪشميري ڀارت جو حصو ڇو بڻجڻ چاهيندو؟ ڪشمير ڀارت کي کائي ويندو، آزادي اها آهي جيڪا ڪشمير کي ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي عوام کي جنهن کڏ ۾ اڇلايو ويو آهي، کيس اميد آهي ته عوام ان مان جلد ٻاهر ايندو.










