ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن چيو آهي ته 5 مهينا ٿي ويا ٿورو انتظام ڪنداسين پوءِ فيصلو ڪيو ته حڪومت ڇڏي ڏينداسين اسان هن ڀيري حڪومت ڇڏڻ لاءِ ساڍا 3 سال انتظار نه ڪنداسين اسان جمهوريت کي قائم رکڻ جو ٺيڪو ته نه کنيو آهي خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجه اظهار چيو ته ڪراچي جي حقن لاءِ ايم ڪيوا يم 2017 کان ڪيس وڙهي رهي آهي اسان ان کان ڇا گهريو آهي عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي ان تي عمل جو انتظار آهي خواجه اظهار چيو ته پيپلزپارٽي کي ٻڌائي ڇڏيو ته سمري ۾ جزوي معاهدو شامل ٿيو ته اسان تسليم ڪنداسين ڪراچي جا ماڻهو هن نظام کان مايوس ٿي چڪا آهن 5 لک ووٽرز مان 60 هزار نڪرن ٿا ته هي مايوسي آهي واعدا پورا نه ٿيندا ته پي ٽي آئي وانگر هنن کي به ڇڏي ڏينداسين هن چيو ته اسان حڪومت کان وڏ وزارت ۽ وڌيڪ وزارتون نه پيا گهرون اسان جا مطالبا تڪبنديون طاقتور بلدياتي نظام ۽ نوڪرين جو مسئلو آهي پيپلزپارٽي جو جيئڻ مرڻ ايم ڪيو ايم کان سواءِ نه آهي جيڪڏهن اسان جي ميمبرن جي اڪثريت اتفاق ڪيو ته حڪومت ڇڏي ڏينداسين هن چيو ته ڪامران ٽيسوري جو نالو گورنر لاءِڏنل نالن ۾ هو ڪامران ٽيسوري سان گڏ پنج نالا به ڏنا ويا جلد فيصلو نه ٿيو ڪامران ٽيسوري کي جڏهن گورنر بڻايو ته هي حيران ڪندڙ هو ان تي جيترو جلدي فيصلو ٿيو ان تي تعجب ٿيو.










