ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هن سال سنڌ ۾ 36 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي. جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2 لک ميٽرڪ ٽن وڌيڪ آهي، جنهن جو پورو ڪريڊٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي وڃي ٿو. جنهن وقت تي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ کي خوراڪ جي بحران کان محفوظ بڻايو جڏهن ته ٻين صوبن جي حڪومتن ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائڻ واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ھئي. صوبائي وزيرن چيو ته سنڌ حڪومت هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو آهي 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ٽارگيٽ پورو ڪيو ويو آهي. انشاءَ الله مئي مهيني ۾ سنڌ حڪومت 100 سيڪڙو ٽارگيٽ پورو ڪندي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي بحران جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي نقل و حمل تي پابندي لڳائي آهي ۽ سموريون سرحدون سيل ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪڻڪ ٻاهر اسمگل نه ٿي سگهي. جڏهن سنڌ حڪومت پنهنجو هدف حاصل ڪري ورتو ته پابندي هٽائي ويندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو جھجھي مقدار۾ موجود آهي . سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي فلور ملن کي 10500 رپيا في ٻوري ڪڻڪ جي فراهمي جاري آهي. روزاني جي بنياد تي آپريشن جاري آهي. سنڌ حڪومت فلار ملز سان ڪيل واعدي تي قائم آهي. اڄ تائين پهرين مرحلي ۾ ملز ايسوسيئيشن کي 5 لک ٻوريون فراهم ڪرڻ جو هدف پورو ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ مل مالڪ چالان جمع ڪرائين انهن کي ڪڻڪ جي فراهمي انهن جي ضرورت مطابق يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2007 کان اڳ به اسين ڪڻڪ امپورٽ ڪندا هئاسين. پر 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ۽ آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر ٿيو. هن زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ خودڪفيل ٿيو ۽ اسان ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي وياسين. هن چيو ته هن ڀيري به موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏن سبب زرعي شعبي کي وڏو نقصان پهتو. هاري ۽ آبادگار ڏکين حالتن مان گذريا. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشورو ڪري ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو ته جيئن هاري ۽ آبادگار ڪڻڪ پوکي سگهن. ان کان علاوه سنڌ حڪومت ٻج خريداري لاءِ هارين ۽ آبادگارن کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي پڻ ڏني . جنهن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن ۽ اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آهي. جن ماڻهن ان فيصلي جي مخالفت ڪئي اڄ ان کي دانشمندي وارو قدم سمجهي رهيا آهن. هن چيو ته امپورٽ ٿيل ڪڻڪ 9 هزار رپيا في ٽن ملي رهي آهي. جنهن تي اسان پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ڪري رهيا آهيون ۽ ڪڻڪ جي معيار تي پڻ سمجهوتو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ان ڳالهه جو ڪريڊٽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي وڃي ٿو ته سندن ويزن جي ڪري اڄ اسان وٽ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪڻڪ جو امدادي اگهه نه وڌايو وڃي ها ته هن سال ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪيل پيداوار جو 50 سيڪڙو به نه ٿي سگهي ها. صوبائي وزير چيو ته مناسب اگھ تي عوام کي اٽو پھچائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ دوران جڏهن مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي هئي. اهو فيصلو ڪيو ته جن ماڻهن جي آمدني 50 هزار رپين کان گهٽ آهي. کين 65 رپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 70 لک خاندانن کي اٽي جي خريداري لاءِ ڪيش فنڊ منتقل ڪيا ويا ۽ سنڌ حڪومت اھو ٽاسڪ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ حڪومت ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن فيصلو ڪيو هو ته پاسڪو کان 2 ملين ٻوريون خريد ڪري فلور ملز کي فراهم ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ هر مل کي 6 هزار ٻوريون فراهم ڪيون وينديون، جيڪي ڪل 5 لک ٻوريون ٿينديون. هن چيو ته فلور ملز چالان جمع ڪرايا ، سنڌ حڪومت 15 اپريل کان ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي ، جنهن جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي. اڄ تائين 5 لک ٻورين جي فلار ملز کي فراهمي مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ فلور ملز پنهنجا چالان جمع ڪرائين، سڀاڻي کان انهن جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته پاسڪو گودام مان روزانو 140 گاڏيون لوڊ ٿي رهيون آهن. عيد جي 5 ڏينهن جي موڪلن کان سواءِ اهو آپريشن روزاني جي بنياد تي جاري آهي. ڪراچي ۾ پاسڪو جي سهڪار سان فلار ملز کي 10500 رپيا في ٻوري ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. جنهن تي 3500 رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 5 لک ٻورين تي 8 کان 10 ارب جي سبسڊي ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت ڪل 20 لک ٻورين تي 12 کان 15 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي. جنهن جو مقصد عوام کي مناسب اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت اپريل ۾ به فلور ملن کي ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته جيستائين سنڌ حڪومت پنهنجو هدف پورو نه ڪندي ته سرحد نه کولي سگهنداسين. جڏهن هدف حاصل ڪيو ويندو، پابندي هٽائي ويندي. هن چيو ته ڪراچي جي فلور ملن کي سنڌ جي ٻين ضلعن مان ڪڻڪ ڪراچي آڻڻ لاءِ 10 ڏينهن اجازت ڏني وئي هئي. جنهن ڪري ڪڻڪ جو اگهه وڌي ويو ان کان علاوه فلور ملز جون 200 ٽرڪون به ڪراچي اچڻ جي اجازت ڏني وئي. هن چيو ته هورڊنگ آرڊيننس تحت سنڌ حڪومت کي اختيار آهي ته هو پڪڙيل ٽرڪن جي ڪڻڪ ضبط ڪري سگهي ٿو پر اسان اهو نه ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن کي به نقصان نه پهچي. هن چيو ته فلور ملز ٻين ضلعن مان ڪڻڪ جي في ٻوري ڪراچي ۾ 12 هزار رپيا پئي ٿي . جڏهن ته سنڌ حڪومت انهن کي 10500 رپيا في ٻوري ڏئي رهي آهي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ حڪومت اپريل ۾ رمضان المبارڪ جي ڪري 15 کان 20 ڏينهن جي خريداري ڪري سگھي ۽ 50 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. ڇاڪاڻ ته بئنڪ جلد بند ٿي ويندا هئا، هاڻي اهو 100 سيڪڙو ٽارگيٽ مئي مهيني ۾ پورو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اٽي جي 200 رپيا في ڪلو اگهه ۾ ڪابه منتق ناهي. اٽو 120 کان 125 رپيا في ڪلو هجڻ گهرجي. سنڌ حڪومت مل مالڪن کي 10500 رپيا في ٻوري اٽو فراهم ڪري رهي آهي جيڪڏهن پيسائي ۽ نفعي جو خرچ ان تي 1500 رپيا في ٻوري لڳايو وڃي ٿو ته اٽي جو اگهه 120 کان 125 رپيا في ڪلو بڻجي ٿو. هن چيو ته جڏهن فلار ايسوسيئيشن کان پڇيو ويو ته هو مهانگو اٽو ڇو ڏئي رهيا آهن ته انهن چيو ته هڙتال ڪنداسين. صوبائي خوراڪ واري وزير چيو ته اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙ ملن خلاف شڪايتون داخل ڪرايون وڃن. سنڌ حڪومت انهن خلاف سخت ڪارروائيون ڪندي.










