هن حڪومت مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: اسد عمر

هن حڪومت مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: اسد عمر

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته هن حڪومت مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.اسد عمر مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي ان کي نااهل قرار ڏنو.اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته موجوده حڪومت جي نااهلي ۽ عدم دلچسپي سبب ملڪي معيشت زوال پذير آهي، مهانگائي هڪ هفتي دوران پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.پنهنجي بيان ۾ اسد عمر وڌيڪ چيو ته بنيادي ضرورتن جي مهانگائي ۾ 37 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.اسد عمر جو چوڻ آهي ته مهانگائي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي ڪنن تي جايون پئجي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو