همايون اختر خان پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

همايون اختر خان پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ همايون اختر خان پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.هڪ بيان ۾ همايون اختر خان چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين اسان جي خاندان جو پاڪ فوج سان لازوال لاڳاپو آهي ۽ اسان کي ان فوج تي فخر آهي جنهن جو شهيد اختر عبدالرحمان هڪ جنرل هو ۽ هميشه رهندو.هن چيو ته هي قوم پنهنجي شهيدن جي رت ۽ قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، 9 مئي جي واقعن اسان جي خاندان کي پوري قوم وانگر اداس ڪري ڇڏيو، خاص ڪري شهيدن جي يادگار کي جيڪو نقصان پهتو ته شهيدن جي اولاد جي حيثيت سان. اها سندن لاءِ وڏي ڏک جو باعث هئي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.سندس چوڻ آهي ته انهن حالتن ۾ منهنجي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپا جاري رکڻ ممڪن ناهي، ان ڪري مان پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو.هن چيو ته پاڪستاني قوم هميشه پاڪ فوج جو بيحد احترام ڪيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته قوم ۽ ان جي محافظن وچ ۾ اهو پيار وارو رشتو هميشه قائم رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو