جيڪب آباد (ن سنڌيار) جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ ھلڪي برسات ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب رحمت بدران زحمت بڻجي وئي، شھر جي روڊن تي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، گھٽيون گپ سان ڀريل، شھر جو ڪاروبار متاثر.جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ پيل سياري جي ھلڪي برسات کي ميونسپل انتظاميا زحمت بڻائي ڇڏيو آهي، شھر جي مختلف روڊن ڊي سي چوڪ، مانجھي پور بس اڏو روڊ، بانو بازار، شاهه ڀٽائي بازار، طارق روڊ، صرافه بازار ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ سميت ٻين ھنڌ تي بيٺل برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.جڏهن ته گھٽين ۾ گپ ھئڻ سبب شھرين جو گذرڻ محال بڻجي ويو آهي، ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن پاران صفائي نه ڪرڻ سبب شھر جو ڪاروبار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي، شھرين اڪرم، عبدالسميع، روي ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته برسات کي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن پر ميونسپل ڪميٽي جي صفائي عملي شھر جي صفائي شروع نه ڪئي آهي، شھر جي مختلف روڊن تي برساتي پاڻي سان گڏوگڏ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي.جڏهن ته گھٽين ۾ ڪيچڙ ۽ گپ جي ڪري ٻار، عورتون ۽ پوڙھا ماڻھو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ميونسپل ڪميٽي جو 300 کان مٿي صفائي جو عملو ڊيوٽي ڪرڻ بدران غائب آهن صفائي نه ٿيڻ سبب شھر جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي.ھنن ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته شھر جي روڊن تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي گھٽين ۾ پيل ڪيچڙ کڻايو وڃي، جيئن شھري سڪون نڪري سگھن.ان سلسلي ۾ چيف ميونسپل آفيسر رفيق بليدي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برسات پوڻ کان پوءِ ڪيچڙ ۽ ريٻڙو گپ نالن ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن سبب مک نالا بند ٿي ويا آهن، ان لاءِ روڊن تي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي رھيو آھي، مک نالن کي صاف ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جلد نالا صاف ڪري روڊن تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو گھٽين ۾ بيٺل ڪيچڙ ۽ گپ کڻائي شھر کي صاف ڪرايو ويندو.










