پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار ) پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي ھلندڙ ٽرين مان لھڻ جي ڪوشش ۾ مسافر ٽرين ھيٺان اچي ٻھ ٽڪر ٿي ويو، پنوعاقل اسٽيشن تي تيز گام ايڪسپريس جو اسٽاپ نه ھجڻ ڪري گھوٽڪي واسي محمد سليم ملڪ ھلندي ريل مان لھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن سبب ريل ھيٺان اچي ٻھ ٽڪر ٿي ويو ،مسافر جي لاش کي ريلوي پوليس تعلقه اسپتال پنوعاقل آندو،ريلوي پوليس مطابق مسافر گجرانوالا تيزگام ايڪسپريس ۾ سفر ڪري رھيو ھو جنھن کي روھڙي اسٽيشن تي لھڻو ھو پر مسافر جلدباري ڪري پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي لھڻ جي ڪوشش ڪري ٽپو ڏنو جنھن سبب ٽرين ھيٺان اچي ٻھ ٽڪر ٿي ويو،جڏھن ته قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










