يو اي اي تي ميزائلن ۽ ڊرون سان حملو، ايراني چتاءَ بعد 2 آمريڪي نيوي جا جهاز واپس

يو اي اي تي ميزائلن ۽ ڊرون سان حملو، ايراني چتاءَ بعد 2 آمريڪي نيوي جا جهاز واپس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته دنيا جي ڪجهه ملڪن اسان کان پنهنجا جهاز ڪڍڻ لاءِ مدد گهري آهي. آمريڪا سومر جي صبح کان آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل جهازن کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪندو. انهن ملڪن جو چوڻ آهي ته جهاز ان وقت تائين واپس نه ايندا جيستائين هرمز کي ڇڏڻ لاءِ محفوظ نه ٿي وڃي.

ايران جو يو اي اي تي ميزائلن ۽ ڊرون سان حملو

متحده عرب امارات جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته هن پنهنجي فضائي حدن ۾ ايران طرفان فائر ڪيل ٽن ميزائلن کي ڪيرائي ڇڏيو، جڏهن ته چوٿون ميزائل سمنڊ ۾ ڪري پيو۔ برطانيا جي  سامونڊي تجارت واري اداري موجب دبئي ويجهو هڪ ڪارگو جهاز جي انجڻ واري ڪمري ۾ باهه لڳڻ جي رپورٽ ملي آهي۔ يو اي اي چيو آهي ته ايرانابو ظهبي نيشنل آئل ڪمپني سان لاڳاپيل هڪ ٽينڪر کي هرموز ۾ نشانو بڻايو، جنهن کي اعليٰ عهديدار انور قرقاش “سامونڊي قزاقي جو عمل” قرار ڏنو۔ ٻئي پاسي فجيره آئل انڊسٽري زون ۾ ايراني ڊرون حملي سبب باهه لڳي وئي آهي ۽ سول ڊفينس جون ٽيمون باهه وسائڻ ۽ ريسڪيو ۾ مصروف آهن. ايران جي دعوا رهي آهي ته سي آءِ اي ۽ موساد جون ٽيمون يو اي اي ۾ سرگرم آهن. يو اي اي اهو الزام رد ڪندو رهيو آهي.

ايراني چتاءَ بعد 2 آمريڪي نيوي جا جهاز واپس

ايراني فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي جهازن ڏانهن فائر ڪيل ميزائل “چتاءُ” هئا، ملڪ جي فارس نيوز ايجنسي موجب آمريڪي ڊسٽرائرز سامونڊي علائقي هرموز ۾داخل ٿيڻ لاءِ عمان سمنڊ ۾ پنهنجو ريڊار بند ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جيئن ئي انهن پنهنجو ريڊار ٻيهر آن ڪيو، انهن کي سڃاتو ويو ۽ ايراني نيوي طرفان ريڊيو ذريعي خبردار ڪيو ويو ته هو پوئتي هٽن۔ “جڏهن آمريڪي ڊسٽرائرز خبرداري کي نظرانداز ڪيو، تڏهن ايراني فوج جي بهادر اهلڪارن ٻيهر چتاءُ جاري ڪيو، واضح ڪندي ته هرمز جي تنگ گهٽي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا به ڪوشش جنگبندي جي ڀڃڪڙي سمجهي ويندي ۽ ان جو جواب سامونڊي فوج طرفان ڏنو ويندو.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “ان مرحلي تي، ۽ آمريڪي–صهيوني ڊسٽرائرز طرفان ابتدائي خبرداري کي نظرانداز ڪرڻ کان پوءِ، نيوي دشمن جهازن جي ويجهو ڪروز ميزائلن، راڪيٽن ۽ جنگي ڊرونز ذريعي خبرداري وارا فائر ڪيا ته جيئن انتباہ ڏنو وڃي؛ اهڙين ڪاررواين جي ذميواري ۽ انهن جا خطري وارا نتيجا مخالف ڌر تي ئي هوندا.” ٻئي پاسي سينٽڪام ميزائلن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته آپريشن فريڊم جي سلسلي ۾ هرموز ڏانهن ٽرانزٽ بعد آمريڪي نيوي جا 2 جهاز واپس عربي سمنڊ ۾ اچي ويا آهن.

ضبط ٿيل ايراني جهاز ۽ عملو واپس ايران روانا

ايران جي ڪنٽينر شپ ٽوسڪا جي عملي جا 15 ميمبر، جن کي تازو بين الاقوامي سامونڊي پاڻي ۾ پيش آيل واقعن کان پوءِ پاڪستان منتقل ڪيو ويو هو، سومر جي ڏينهن ايران جي سرحد ۾ داخل ٿي ويا۔ اهي ماڻهورمدان بارڊر ٽرمينل ذريعي ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ داخل ٿيا۔ ياد رهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحا ڊار ٽوئيٽ ۾ بڌايو هو ته آمريڪا جيڪو ايران جو جهاز ضبط ڪيو هو، اهو پاڪستان حوالي ڪيو، جنهن تي 22 پاڪستاني عملي جا ميمبر به سوار هئا، انهن کي پاڪستان ايران موڪلي رهيو آهي ۽ ايراني جهاز کي واپس موڪلي رهيو آهي.

اسرائيلي فوج ۽ حزب الله ۾ زميني جنگ تيز ٿي وئي

الجزيره جي رپورٽ موجب، جيڪا لبناني سرڪاري نيوز ايجنسي (NNA) جو حوالو ڏئي ٿي، حزب الله جي ويڙهاڪن ۽ حملا ڪندڙ اسرائيلي فوجن وچ ۾ وادي راج واري علائقي ۾ سخت جهيڙا شروع ٿي ويا آهن، جيڪو ڏکڻ لبنان جي شهرن Deir Siryan ۽ Zawtar جي ويجهو آهي۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاري زميني ويڙهه ۾ مشين گنن ۽ سڌي شيلنگ (گولاباري) جو استعمال ڪيو پيو وڃي۔

يو اي اي جي جهاز تي ايراني حملي جي مذمت

متحده عرب امارات چيو آهي ته ايران هرموز ۾ پنهنجي رياستي تيل ڪمپني ايڊناڪ سان لاڳاپيل هڪ ٽينڪر تي ٻه ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي هن مذمت ڪئي آهي. اي ايف پي موجب پرڏيهي وزارت چيو ته “تجارتي جهازراني کي نشانو بڻائڻ ۽ هرموز جي تنگ گهٽي کي اقتصادي دٻاءُ يا بليڪ ميل لاءِ استعمال ڪرڻ ايران جي آءِ آر جي سي  طرفان قزاقي (piracy) جهڙا عمل آهن”، ۽ وڌيڪ چيو ته هن واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو آهي ۽ جهاز خالي هو۔

امارات ايئرلائين جو 96 سيڪڙو آپريشن بحال

امارات ايئرلائن چيو آهي ته هن وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ دوران پيدا ٿيل وڏي خلل ۽ وڏي پيماني تي اڏامن جي رد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي عالمي نيٽورڪ جو 96 سيڪڙو ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي. سي اين اين موجب مڪمل طور تي حالتون اڃا معمول تي نه پهتيون آهن، پر دبئي ۾ قائم هن ايئرلائن چيو آهي ته تڪرار دوران هن لڳ ڀڳ 4.7 ملين مسافرن کي سفر ڪرايو ۽ هاڻي اها 72 ملڪن ۾ آپريشن ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي يو اي اي موبائيل پيغام ذريعي ميزائيل حملي بابت چتاءَ جاري ڪندي شهرين کي محفوظ رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

آبنائي هرموز ۾ جهازن جي اچ وڃ محفوظ بنائڻ لاءِ آپريشن فريڊم جو فيصلو

آپريشن فريڊم، سومر جي صبح کان شروع ٿيندو.آمريڪي صدر چيو ته اهي انهن ملڪن جا جهاز آهن جيڪي وچ اوڀر ۾ تازي تڪرار ۾ شامل نه آهن. هن پنهنجي نمائندن کي چيو ته انهن ملڪن کي ٻڌايو ته اهي پنهنجي ڦاٿل جهازن ۽ عملي کي آبنائي هرمز مان ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪندا. هرمز ذريعي جهازن جي آزاد حرڪت جو مقصد ڪمپنين ۽ ملڪن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي جن ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي.ايران جي حوالي سان، صدر ٽرمپ لکيو ته منهنجا نمائندا ايران سان تمام مثبت ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ايران سان ڳالهين جو هي عمل سڀني لاءِ تمام گهڻو مثبت ٿي سگهي ٿو. ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ آمريڪي مداخلت کي جنگ بندي جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو.آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي ابراهيم عزيزي چيو ته آبنائي هرمز ۽ فارسي نار جو انتظام ٽرمپ جي گمراهه ڪندڙ بيانن تي ٻڌل نه هوندو، ۽ آبنائي هرمز ۽ فارسي نار جي معاملن ۾ بيان بازي جي ڪا به گنجائش ناهي.

هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ممڪن ايراني حملي کي روڪڻ لاءِ آمريڪي بحريه ويجهو هوندي: آمريڪي ميڊيا

آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ نئين نظام ۾ ضروري ناهي ته آمريڪي بحريه جا جهاز تجارتي جهازن جي حفاظت لاءِ شامل هجن، پر آمريڪي بحريه هرمز مان گذرندڙ تجارتي جهازن تي ممڪن ايراني حملي کي روڪڻ لاءِ ويجهو هوندي.

آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري جي تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جي اڳڪٿي

هڪ آمريڪي چينل سان انٽرويو ۾، اسڪاٽ بيسنت چيو ته جنگ کان پوءِ توانائي جون قيمتون تمام گهٽ هجڻ گهرجن. هن مستقبل ۾ مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي ۽ چيو ته آمريڪي توانائي جي برآمدات هاڻي اعليٰ سطح تي آهن.آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته صرف انفراسٽرڪچر جي کوٽ آمريڪي توانائي جي برآمدات کي روڪي رهي آهي، آمريڪا توانائي مارڪيٽن ۾ هڪ وڏو فاتح آهي.هن چيو ته آبنائے هرمز مان وڌيڪ جهازن کي گذرندي ڏسڻ حيران ڪندڙ نه هوندو، ايران کي جهازن کان ٽول گڏ ڪرڻ جي ڪوششن مان گهڻو فائدو نه ملي رهيو آهي.

هرمز ذريعي جهازن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد جو منصوبو اڄ کان شروع ٿيندو: آمريڪي فوج

آمريڪي فوج پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجون اڄ کان هرمز جي آبنائي ذريعي تجارتي شپنگ لاءِ نيويگيشن جي آزادي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ مدد جو منصوبو شروع ڪنديون. آمريڪي صدر جي هدايت تي هلندڙ مشن، آزادي جي طلب ڪندڙ تجارتي جهازن جي مدد ڪندو.

حزب الله اسرائيلي ٽينڪ کي نشانو بڻائيندڙ ايف پي وي ڊرون جي وڊيو جاري ڪري ڇڏيو

لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج جي مرڪوا ٽينڪ کي ايف پي وي ڊرون سان نشانو بڻائيندڙ هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي.حزب الله موجب، اسرائيلي ٽينڪ کي 30 اپريل تي ڏکڻ لبنان جي بنت جبيل علائقي ۾ نشانو بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو