ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر دڪان ۽ روڊ تي ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان کي پاڻ کي ڄاڻڻ گهرجي ته اسان ٽريفڪ ضابطن تي ڪيترو عمل ڪريون ٿا.شرجيل ميمڻ چيو ته اسان ماڻهو ڪيئن غير قانوني پارڪنگ ڪندا آهيون. ٽريفڪ پوليس اهلڪار ويچارا چئي چئي تنگ اچي رهيا آهن.هن چيو ته اسان پنهنجي شهر کي پنهنجن هٿن سان تباهه ڪري رهيا آهيون، سمورا پارليامينٽيرين پنهنجي حلقن ۾ آگاهي ڏين، ذميواري حڪومت جي آهي پر فرض اسان سڀني جو آهي.










