هجوم جي تشدد کي هر حال ۾ ڪچليو ويندو، وزيراعظم

هجوم جي تشدد کي هر حال ۾ ڪچليو ويندو، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان ميان چنون واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به فرد يا گروهه طرفان قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته هجوم جي تشدد کي سختيءَ سان ڪچليو ويندو، آءِ جي پنجاب ميان چنو واقعي جي ذميواري ۾ ڪوتاهي ڪندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي مذهبي هم آهنگي بابت خاص نمائندي علامه طاهر اشرفي جيو نيوز سان ڳالهائيندي ميان چنو جي علائقي تلمبه ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو