هابيل ۽ قابيل، پهريون انساني قتل، مختلف مذهبن ۾ ڪهڙو ذڪر آهي؟

هابيل ۽ قابيل، پهريون انساني قتل، مختلف مذهبن ۾ ڪهڙو ذڪر آهي؟

رپورٽ: وقار مصطفيٰ

دمشق جي اولهه وارن جبلن تي واديِ برديٰ نالي علائقي ۾ عثماني سلطنت جي دور ۾ سن 1599ع ۾ تعمير ڪيل مسجدِ ”نبي هابيل“ جي ڀرسان هڪ خاموش مزار اندر سائي ريشمي چادر ۾ ويڙهيل لڳ ڀڳ ست ميٽر ڊگهي قبر موجود آهي۔

مقامي روايتن موجب هي قبر زمين تي ٿيندڙ ان پهرئين قتل جي نشاني آهي، جنهن جو ذڪر ٿوري گهڻي فرق سان اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت جي مذهبي روايتن ۾ ملي ٿو۔

عهد نامہ عتيق

عهد نامہ عتيق موجب هابيل حضرت آدم ۽ حضرت حوا جا ٻيو نمبر پٽ هئا، جن کي سندن وڏي ڀاءُ قابيل قتل ڪيو هو۔

بني اسرائيل جي پيشوا حضرت موسيٰ تي نازل ٿيل ڪتاب توريت ۽ حضرت عيسيٰ کان اڳ وارن صحيفن تي ٻڌل هن مجموعي (عهد نامہ عتيق) ۾ شامل ”ڪتابِ پيدائش“ جي چوٿين باب مان معلوم ٿئي ٿو ته هابيل ڌنار هو ۽ قابيل هاري۔

ڪجهه عرصو پوءِ انساني تاريخ ۾ پهرين قرباني جو موقعو آيو۔

ڪتاب پيدائش ۾ لکيل آهي ته ”قابيل پنهنجي کيت مان ميون جو خداوند لاءِ نذرانو آندو ۽ هابيل خداوند جي حضور پنهنجي ڌڻ جي پهرين ڄاول جانور ۽ انهن جي ڪجهه چرٻي قرباني طور پيش ڪئي۔ خداوند هابيل ۽ سندس نذرانو قبول ڪيو، پر قابيل ۽ سندس نذرانو قبول نه ڪيو۔“

”ان تي قابيل ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ سندس چهرو لهي ويو۔“

”تڏهن خداوند قابيل کي چيو: تون ڇو ڪاوڙيل آهين ۽ تنهنجو چهرو ڇو لهي ويو آهي؟

جيڪڏهن تون نيڪي ڪندين ته ڇا قبول نه ڪيو ويندو؟ ۽ جيڪڏهن نيڪي نه ڪندين ته گناهه در تي گهات لڳائي ويٺو آهي؛ ان جي خواهش آهي ته تو تي غالب اچي، پر تو کي ان تي ضابطو رکڻو پوندو۔“

پر ساڳي ڪتاب ۾ آهي ته حسد ۽ سخت ڪاوڙ ۾ قابيل، هابيل کي قتل ڪري ڇڏيو۔

”هو خداوند جي حضور مان نڪري ويو ۽ هڪ مفرور(آوارا) بڻجي ويو، ۽ عدن جي اوڀر طرف نود جي علائقي ۾ وڃي رهيو۔ پنهنجي ڀاءُ جو بيگناهه رت سندس لاءِ لعنت بڻجي ويو هو۔“

محقق ايمي ٽڪانن موجب ڪتابِ پيدائش اهڙي سماج جي تصوير پيش ڪري ٿو جتي قدر پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا، ۽ اهو ٽڪراءُ هن حقيقت کي نمايان ڪري ٿو ته خدائي اختيار ضبطِ نفس ۽ ڀائيچاري جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته حسد ۽ تشدد کي سزا جوڳو ٺهرائي ٿو۔ ”قابيل گناهه تي ضابطو رکڻ ۾ ناڪام رهيو، ۽ الٽو گناهه ئي مٿس غالب اچي ويو۔“

عهد نامہ جديد

عيسائي مذهبي ڪتابن جي مجموعي عهد نامہ جديد (جنهن ۾ اناجيلِ اربعہ، رسولن جا اعمال، حوارين جا خط ۽ مڪاشفا شامل آهن) ۾ هابيل جي رت کي بيگناهه معصوميت جي بدلي جي مثال طور پيش ڪيو ويو آهي۔ (انجيل متي 23:35، انجيل لوقا 11:51)

انجيل متي ۾ هڪ هنڌ حضرت عيسيٰ اڳڪٿي ڪئي ته ”تنهنڪري زمين تي جيترو به راستبازن جو رت وهايو ويو آهي، اهو سڀ اوهان تي ايندو، راستباز هابيل جي رت کان وٺي زڪريا بن برخيا جي رت تائين، جنهن کي اوهان هيڪل ۽ قربان گاهه جي وچ ۾ قتل ڪيو هو۔“

جڏهن پهرين صدي عيسويءَ ۾ اناجيل لکيا ويا ته اهو مڃيو ويندو هو ته بني اسرائيل جا سڀ نبي قتل ڪيا ويا هئا۔

عهد نامہ جديد جي ڪتاب ”رسالہ عبرانيون“ ۾ حضرت عيسيٰ جي قرباني کي هابيل جي قرباني سان تشبيهه ڏني وئي آهي۔

متن موجب هابيل ۽ حضرت عيسيٰ ٻنهي ۾ خدا تي ايمان جو هڪجهڙو تصور موجود هو، جڏهن ته قابيل ان ايمان کان محروم هو۔ (عبرانيون 12:24)

رسالہ عبرانيون ۾ لکيل آهي ته ”ايمان جي سبب هابيل، قابيل کان وڌيڪ مقبول قرباني خدا جي حضور پيش ڪئي۔ انهيءَ وسيلي هو راستباز ٺهرايو ويو، ڇو ته خدا پاڻ سندس نذرانن جي شاهدي ڏني۔ جيتوڻيڪ هو مري ويو، پر پنهنجي ايمان وسيلي اڃا به ڳالهائي ٿو۔“

ساڳيءَ طرح پهرئين خطِ يوحنا ۾ قابيل کي برائي جي مثال طور پيش ڪيو ويو آهي۔

پيٽرسبرگ يونيورسٽي جي شعبي مذهب جي اعزازي پروفيسر ريبيڪا آئي ڊينووا لکي ٿي ته قابيل جي تشدد پسندي ايندڙ نسل ۾ به منتقل ٿئي ٿي۔

هوءَ لکي ٿي ته ڪتابِ پيدائش باب پنج ۾ حضرت آدم جي نسل جي ٻي فهرست ڏني وئي آهي، جيڪا سندن ٽئين پٽ حضرت شيث جي پيدائش سان اڳتي وڌي ٿي۔ اهو سلسلو آخرڪار حضرت نوح جي تعارف تي ختم ٿئي ٿو، جن کي خدا جي نظر ۾ راستباز قرار ڏنو ويو، ۽ هو آدم جي انهيءَ نيڪ نسل مان هئا۔

ڪجهه بائبلي ناقدن جو خيال آهي ته قابيل جو قبيلو اصل ۾ ”قينيون“ تي ٻڌل هو، جيڪي گهمڻ ڦرڻ وارا ڌاتو جا ڪاريگر هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ تيرهين صدي قبل مسيح کان نائين صدي قبل مسيح تائين بحيره جليل جي ڀرپاسي سفر ڪندا رهيا۔

قرآن مجيد

مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن مجيد ۾ ڪنهن جو نالو وٺڻ کان سواءِ ”آدم جي ٻن پٽن“ جي واقعي ذريعي تعليم ڏني وئي آهي ته ناحق قتل وڏو ڏوهه آهي ۽ ان جو انجام هلاڪت ۽ رسوائي آهي۔

سوره المائده (آيتون 27 کان 31) ۾ آهي ته ”(تنهنجي مخالفت ۾ هي فساد لاءِ آماده آهن، اي پيغمبر) انهن کي آدم جي ٻن پٽن جو قصو صحيح صحيح ٻڌاءِ، جڏهن ٻنهي قرباني پيش ڪئي ته هڪ جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي۔

جنهن جي قبول نه ٿي، هن چيو: مان تو کي ضرور ماريندس۔

ٻئي چيو: الله رڳو انهن جي قرباني قبول ڪري ٿو جيڪي ان کا ڊڄندا هجن يعني پرهيزگار هجن۔

جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ کڻندين به، ته به مان تو کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ نه کڻندس؛ مان الله رب العالمين کان ڊڄان ٿو۔

مان چاهيان ٿو ته تون منهنجي ۽ پنهنجي گناهه جو بار پاڻ کڻين ۽ دوزخي بڻجين؛ ظالمن جي اهائي سزا آهي۔

پوءِ سندس نفس کيس ڀاءُ جي قتل تي آمادہ ڪري ڇڏيو، سو هن کيس ماري ڇڏيو ۽ نقصان کڻندڙن ۾ شامل ٿيو۔

پوءِ الله هڪ ڪانءُ موڪليو جيڪو زمين کوٽڻ لڳو ته جيئن کيس ڏيکاري ته ڀاءُ جو لاش ڪيئن لڪائي۔ هن چيو: هاءِ منهنجي بدبختي، مان هن ڪانءُ جهڙو به نه ٿي سگهيس جو ڀاءُ جي لاش لڪائي وٺان۔ پوءِ هو پشيمان ٿيندو رهيو۔“

’هڪ بيگناهه جو قتل، سڀني انسانن جو قتل‘

هابيل ۽ قبيل جي ذڪر بعد آيت ۾ آهي ته (انسان جي) اها (سرڪشي) آهي جنهن سبب اسان (موسيٰ کي شريعت ڏني ته ان ۾) بني اسرائيل تي به اهو فرمان لکي ڇڏيو ته جنهن ڪنهن هڪ بيگناهه انسان کي قتل ڪيو، ڄڻ هن سڀني انسانن کي قتل ڪيو؛ ۽ جنهن ڪنهن هڪ کي زندگي بخشي، ڄڻ هن سڀني کي زندگي بخشي۔

آمريڪا ۾ غامدي سينٽر آف اسلامڪ لرننگ، ڊيلس، سان لاڳاپيل محقق نعيم احمد بلوچ موجب قابيل جو هابيل کي قتل ڪرڻ رڳو انساني تاريخ جو پهريون قتل نه هو، پر انساني نفس، اخلاقي بحران ۽ تشدد جي ٻاهرين محرڪن جي بنيادي علامت هو۔

هو چوي ٿو ته قرآن مجيد ۾ قبوليت يا رد جو بنياد تقويٰ قرار ڏنو ويو آهي، نه رڳو عمل جي صورت۔ قبول نه ٿيڻ قابيل ۾ حسد ۽ ڪاوڙ پيدا ڪئي، جيڪا آخرڪار قتل تي ختم ٿي۔ ڪتابِ پيدائش هن قصي کي وڌيڪ نفسياتي ۽ اخلاقي انداز ۾ بيان ڪري ٿو۔

بلوچ موجب جيتوڻيڪ بائبل ۾ڪانءُ يا تدفين جو ذڪر ناهي، پر قابيل کي جلاوطني ۽ اندروني بيچيني جي سزا ڏئي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته ڏوهه جو اصل عذاب انسان جي اندر پيدا ٿئي ٿو۔ اصل متن ۾ قتل جو سبب شادي يا ڀيڻ جي تڪرار سان لاڳاپيل ناهي؛ اهي ڳالهيون بعد ۾يهودي تفسيري(مدراش) ۾ آيون جتان مسلمان شارحن شامل ڪيون نه ڪي وهي جي متن ۾. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عهد نامه عتيق قتل جي جڙ کي جنسي يا معاشي رقابت بدران حسد ۽ اخلاقي ناڪامي ۾ ڏسي ٿو.

هو چوي ٿو ته جديد جرم شناسي ڏوهه جا سبب اڪثر ٻاهرين حالتن ۾ ڳولي ٿي، جهڙوڪ محرومي يا طاقت جي خواهش، پر مذهبي بيانيو هڪ بنيادي عنصر شامل ڪري ٿو: حسد ۽ زخمي انا۔ قابيل نه محروم هو، نه مظلوم، پوءِ به قتل ڪيو؛ تنهنڪري ڏوهه جي جڙ رڳو حالتن ۾ نه، پر انسان جي باطن ۾ به هوندي آهي۔

بلوچ جي تجزيي موجب هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پهرين انساني بستي ترقي يافته هئي۔

”هتي مذهب هو، اناج هو، ڌنارپڻو هو، زراعت هئي۔ انسان جانورن وانگر زندگي نه گذاريندا هئا۔ البته اهو پهريون انساني قتل هو ۽ لاش دفنائڻ جو عمل به پهريون ڀيرو ٿيو۔ ۽ اهو دور لڳ ڀڳ ڏهه هزار ورهين کان وڌيڪ پراڻو نه هو۔“ (نوٽ، هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو ۽ اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو