اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيس ۾ اي ٽي سي راولپنڊي جي جج کان ڪيس منتقل ڪرڻ جي اپيلون ختم ڪري ڇڏيون آهن.سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل تي لاڳو ڪيل 22 لک رپين جي ڏنڊ کي برقرار رکيو آهي.ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پراسيڪيوٽر جنرل ۽ اي ٽي سي جج جي ڪيريئر تي اثر انداز نه ٿيندو.پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته جج جو ٽرانسفر ٿي چڪو آهي، معاملو هاءِ ڪورٽ جي ريمارڪس ۽ جرماني جو آهي.چيف جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سڄو صوبو هلائڻو آهي، کيس جج خلاف ريفرنس تي حڪومت کي پيغام ڏيڻو هو.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي پيغام ڏنو، جنهن سان انتظامي جج به متفق ٿيا، ته اهي هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهين، جرمانو ادا ڪن، اهو ڪو اهڙو وڏو مسئلو ناهي.










