ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جي نمائندگي ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب نيب پراسيڪيوٽر رياض عالم ۽ شهباز سهوترا پنهنجون استعيفائون نيب هيڊڪوارٽر ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن، ٻنهي پراسيڪيوٽرن استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر استعيفيٰ جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پراسيڪيوٽرز خلاف احتساب عدالت، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ پروفائل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، ٻئي پراسيڪيوٽر 4 سالن کان نيب ۾ فرائض سرانجام ڏئي رهيا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض عالم جي استعيفيٰ به قبول ڪئي وئي آهي.










