نگران حڪومت جيڪي فيصلا ڪيا انهن تي نظرثاني ڪنداسين

نگران حڪومت جيڪي فيصلا ڪيا انهن تي نظرثاني ڪنداسين

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران صوبائي ڪابينه جي سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪئي ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته قانون پٽاندڙ نگران حڪومت اهڙو ڪوبه ڪم نٿي ڪري سگهي جنهن جو ان کي اختيار نه هجي، نگران ڪابينه کي گذريل حڪومت جي منصوبن سان هٿ چراند نه ڪرڻ گهرجي ها.وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن، اسان جون اسڪيمون روڪي ڇڏيون هيون، اِهو اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه هو، امن امان جي صورتحال شهرن ۾ بهتر آهي نه ٻهراڙي ۽ ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي ظابطي ۾ آڻڻ حڪومت جو ڪم آهي، پوليس کاتي ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي جنهن بابت صلاح مشورا جاري آهن.هن چيو ته مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ به حڪومت جو ئي ڪم آهي، رمضان پرائس ڪنٽرول ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، مان پاڻ ان مهم جي نگراني ڪندس، جيڪڏهن انتظاميا ظابطو نٿي آڻي سگهي ته انتظاميا کي سزا ملندي.هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه جو چوڻ هوته آصف زرداري واضح اڪثريت سان صدر چونڊجي ويندو، آچر تي نئين صدر جي حلف برداري تقريب ٿيندي، ان کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪابينا به ٺهي ويندي، پ پ، ن ليگ ۽ اتحادين سان مشاورت ڪري ڪابينا جي جوڙجڪ ڪندي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت سازي بابت قائم ڪميٽي وزارتن جو فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو