نيڌرلينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان گال ٽيسٽ کانپوءِ ٿيندو

نيڌرلينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان گال ٽيسٽ کانپوءِ ٿيندو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هالينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان گال ٽيسٽ کانپوءِ ڪيو ويندو، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ گال ٽيسٽ جو اڄ ٻيو ڏينهن آهي. ذريعن موجب ون ڊي اسڪواڊ جو ڪيمپ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ون ڊي اسڪواڊ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ هالينڊ روانو ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هالينڊ ۾ کيڏيون 3 ون ڊي ميچون ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو آهن، ويسٽ انڊيز خلاف قومي اسڪواڊ ۾ گهڻي تبديلي جو امڪان ناهي. فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي 3 ون ڊي سيريز لاءِ آرام ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو