نيپرا جون ڪراچي واسين تي مهربانيون، بجلي چار رُپيا 12 پئسا سستي

نيپرا جون ڪراچي واسين تي مهربانيون، بجلي چار رُپيا 12 پئسا سستي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي چار رُپيا 12 پئسا سستي ڪئي وئي آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي واهپيدارن کي بجلي جي قيمت گهٽ ٿيڻ جو رليف سپٽمبر جي بلن ۾ ڏنو وڃي.پڌرائي ۾چيو ويو آهي ته بجلي جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي سستي ٿيڻ سان ڪراچي جي واهپيدارن کي گڏيل طور تي 7 ارب 40 ڪروڙ رُپين تائين رليف ملدنو.

پهنجو تبصرو موڪليو