آڪلينڊ: (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ سال 2026 جي شروعات ٿي وئي. جنهن دوران شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.آڪلينڊ جي اسڪائي ٽاور تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن سبب آڪلينڊ جو آسمان خوبصورت روشنين سان ٻري اٿيو. اسڪائي ٽاور تي نئين سال جو جشن ملهائڻ جي لاءِ شهرين جو وڏو تعداد موجود هو.هاڻ ڪجهه دير کان پوءِ سڊني ۾ نئين سال کي ڀليڪار چيو ويندو. دبئي جي برج خليفه تي به شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. دبئي ۾ نئين سال جي موقعي تي شاندار آتشبازي جو اعلان ڪيو ويو هو.نيويارڪ، لنڊن ۽ پيرس ۾ به نئين سال جو جشن ٿيندو. بيجنگ ۾ نئين سال جي موقعي تي ڪوٺايل پارٽي تي روايتي اوپيرا پيش ڪيو ويو. انهي موقعي تي خطاب ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيو ته سال 2026 ۾ وڌيڪ فعال ميڪرو پاليسين کي اڳيان وڌايو ويندو.










