برسات سبب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو ميچ رد، هڪ هڪ پوائنٽ

برسات سبب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو ميچ رد، هڪ هڪ پوائنٽ

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ پاڪستان، نيوزيلينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر لڳاتار برسات بند نه ٿيڻ سبب ميچ رد ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو۔
ڪولمبو ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي۔ ٽاس بعد تيز بارش شروع ٿي وئي ۽ پچ کي ٻيهر ڍڪيو ويو.
نيوزيلينڊ خلاف ميچ لاءِ خواجه نافع جي جاءِ تي فخر زمان کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ صاحبزادہ فرحان، صائم ايوب، سلمان علي آغا (ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، شاداب خان، عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد نواز، فهيم اشرف، سلمان مرزا ۽ عثمان طارق شامل آهن۔
واضح رهي ته سپر ايٽ ۾ بارش سبب ميچ متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ اضافي ڏينهن شامل ناهي. جيڪڏهن ميچ جي في اننگ پنج پنج اوور به نه کيڏيا ويا ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو