آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته شيڊول جو اعلان ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي مداحن سبب ڪيو ويو، باقي هوم انٽرنيشنل شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته ايندڙ سيزن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪن ٽيمن جو دورو به شيڊول آهي، جڏهن ته آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي وومين ٽيمون به سيريز کيڏنديون.نيوزيلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن جي ميزباني انگلينڊ ڪندو، ٽيسٽ ميچون ڪرائسٽ چرچ، ويلنگٽن ۽ هيملٽن ۾ کيڏيون وينديون.پهرين ٽيسٽ 28 نومبر، ٻي ٽيسٽ 6 ڊسمبر ۽ ٽيون ٽيسٽ 14 ڊسمبر تي شروع ٿيندي.










