نيو يارڪ ۾ پوليو وائرس، ڊزاسٽر ايمرجنسي جو اعلان

نيو يارڪ ۾ پوليو وائرس، ڊزاسٽر ايمرجنسي جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيڻ بعد رياست ۾ ڊزاسٽر ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي گورنر ڪيٿي هيچل نيويارڪ جي گندي پاڻي مان پوليو وائرس جا نمونا ملڻ کانپوءِ رياست ۾ ڊزاسٽر ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن مطابق گذريل مهيني نيويارڪ ۾ گٽرن مان پوليو وائرس جا نمونا مليا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو