ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي، ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ حڪومت نٿي هلي سگهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 3 جمهوري حڪومتون گذرڻ باوجود نيب قائم آهي.هن چيو ته حڪومت جا آفيسر پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، موجوده بحران جو سبب نيب جو ادارو آهي، اڄ ماڻهو پڇي رهيا آهن ته ملڪ جون حالتون اهڙيون ڇو آهن، نيب جي ظلمن جون حقيقتون سامهون آهن. عوام کي به خبر آهي، اچو ته نيب سياسي انتقام لاءِ ٺاهي وئي، اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.شاهد خاقان چيو ته مان نيب کي 23 سالن کان سمجهي رهيو آهيان، ملڪ جا سياستدان ۽ صنعتڪار نيب جي عدالتن ۾ چڪريون هڻي رهيا آهن، نيب ملڪ جي سياست کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو، جاويد اقبال جو احتساب ٿيڻ تائين معاملو اڳتي نٿو وڌي سگهي.پارٽي ۾ عدم اطمينان واري سوال تي ن ليگ اڳواڻ چيو ته 31 سال پارٽي ۾ بغير ڪنهن عهدي جي ڪم ڪيو آهي، (ن) ليگ سان ڪي به مسئلا نه آهن، نواز شريف منهنجو ليڊر آهي، اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ جون حالتون جنهن مرحلي تي پهتيون آهن ان جا ذميوار اسان سڀ آهيون، نئين قيادت کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.










