لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح گوگي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حاصل ڪيا ويا آهن. نيب ذريعن موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ تي فرح گوگي جا وارنٽ حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ايف آءِ اي فرح گوگي خلاف مني لانڊرنگ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران فرح گوگي جي نالي تي اربين رپين جي بئنڪ اڪائونٽن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ فرح گوگي کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










