اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيوآ هي ته عمران نيازي جي نڪ جي پڪائي سان ۽ جيترو مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو هاڻي ان جا نتيجا اچي رهيا آهن خود ان جي قبيلي ۾ مردان جو واقعو انهيءَ (مذهبي ٽچ) جو نتيجو آهي آچر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته عمران نيازي ۽ ان مقامي اڳواڻن منهنجي خلاف به ڀرپور مذهبي ڪارڊ کيڏيو جنهن جو نتيجو مون تي قاتلاڻي حملي جي صورت ۾ نڪتو عمران نيازي معيشت ۽ سياست ته تباهه ڪئي. معاشرت به جنونيت ۽ اڻ سهپ جي ور چاڙهي ڇڏي آهي.










